پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراه اينڊريو شوفر ڪراچي جو دورو ڪري ماحول دوست جهاز ٺاهڻ، توانائي ۽ پاڻي جي شعبن ۾ سھڪار وڌائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراه اينڊريو شوفر 13 کان 16 سيپٽمبر تائين ڪراچي جو دورو ڪيو.
اينڊريو شوفر ٻئي گرين شپنگ گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ ميزبان جي ذميواري ادا ڪندي گڏيل چئلينجن، خاص ڪري موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ عملي رابطي ۽ ڳالهين تي زور ڀريو.
گرين شپنگ جي موضوع تي گول ميز ڪانفرس جو انتظام عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي يو ايس ايڊ جي مالي سهائتا سان پاڪستان ريجنل اڪنامڪ انٽيگريشن ايڪٽيوٽي پاران ڪيو ويو.
ڪانفرنس ۾ حڪومتي عهديدارن، ڪاروباري برادري ۽ جهاز ٺاهڻ جي ويليو چين سان لاڳاپيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
هن ڪانفرنس جو موضوع هو ته پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ پائيدار جھاز ٺاهڻ کي هٿي ڏياري وڃي.
ڪانفرس ۾ ڪوپ 28 تحت گرين شپنگ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ واضح ڪيل طريقڪار جي به ڀرپور حمايت ڪئي وئي.
اُن موقعي تي ڳالهائيندي اينڊريو شوفر چيو ته هو هن ڪانفرنس جيان ڪيترن ئي قدمن ذريعي ماحولياتي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڳالهين جي حوصلا افزائي سان گڏ هن سلسلي ۾ پاڪستان جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ جديد حل ڳولھڻ ۾ مدد ڪري رھيا آهن.
هُن جهاز ٺاهڻ سان لاڳاپيل پائيدار سرگرمين جي سمورن شعبن ۾ منتقلي لاءِ سھڪار ڪرڻ تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي عزم ۽ ڪوششن کي به ساراهيو.
آمريڪي مشن جي نائب سربراهه جي ڪراچي جي ھن دوري ۾ لنڪن ڪارنرز ڪراچي جو دورو به شامل جتي هُن شاگردن، ڪاروباري ماڻھن ۽ رضاڪارن سان ملاقات ڪري سندن مسلسل محنت ۽ تخليقي صلاحيتن جي ساراهه ڪئي.
اينڊريو شوفر پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ ۽ ترقي جو سفر جاري رکڻ لاءِ نوجوان نسل جي قيادت ۾ جديد رجحانن جي اهميت تي به روشني وڌي.
آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر مذهبي اقليتي اڳواڻن سان ملاقات ۾ مذهبي ڀائيچاري ۽ برداشت جي اهميت تي زور ڀريو ۽ پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن جي حقن لاءِ آمريڪا پاران مڪمل حمايت جاري رکڻ جي عزم کي به ورجايو.
اينڊيو شوفر جي ڪراچي واري دوري جي پڄاڻي پورٽ قاسم ۾ ٿي جتي پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين، ڪارگل ۽ اينگرو ڪارپوريشن جي قيادت سان ملاقاتن جو مرڪز گرين شپنگ، بندرگاهن تي سرگرمين، توانائي جي حل ۽ ٻين جديد رجحانن تي رهيو.
هن دوري جو مقصد پاڪستان جي واپاري چٽاڀيٽي وڌائڻ سان گڏ سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ آمريڪا سان رابطا برقرار رکڻ جي طريقن توڙي وسيلن ۾ اضافو ڪرڻ آهي.
هن دوري دوران مستقل طور تي موسمياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ آمريڪا – پاڪستان ”سبز اتحاد“ فريم ورڪ جي غيرمعمولي ڪردار کي به اجاڳر ڪيو ويو