پاڪستان ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي واپس موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ساڍا ٽي سئو افغان شهرين کي کڻي 16 ٽرڪون طور خم بارڊر تي پهچي ويون.
ٽرڪن ۾ سوار ساڍا ٽي سئو ماڻهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، قانوني گھرجون پوريون ٿيڻ کانپوءِ انهن کي افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي.
ٻئي طرف سڄي ملڪ ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين خلاف ڪارروائي جاري آهن، اسلام آباد ۾ مارگلا ٽائون ڀرسان غيرقانوني افغان بستي ڊاٿي وئي.
هوڏانهن ملڪ جي پنج وڏين جيلن ۾ ايف آءِ اي اميگريشن ڪائونٽر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رهائش جو ثبوت نه رکندڙ پرڏيهين کي جيل موڪليو ويندو جنهن بعد اميگريشن عملدار ان شخص کي جيل مان ئي ڊي پورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪندا، لاڳاپيل پوليس ۽ بارڊر ايريا پوليس کين سرحد پار ڪرائيندي.
افغان ڪمشنريٽ خيبرپختونخوا موجب، صوبي ۾ رجسٽر افغان مهاجرن جو انگ ڏهه لک آهي جڏهن ته سـَت لک 75 هزار افغاني غيرقانوني طريقي سان پاڪستان ۾ داخل ٿيا، انهن مان ٽي لک کان وڌيڪ اُهي افغان شهري آهن جيڪي طالبان حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان آيا.
خيبرپختونخوا ۾ هلندڙ سال 3 هزار 911 افغاني مختلف ڏوهن ۾ ملوث نڪتا.
بلوچستان ۾ ترسيل افغان شهرين جو انگ ساڍا اَٺ لک جي لڳ ڀڳ ٻڌايو پئي وڃي، هڪ اندازي موجب، انهن مان اڍائي لک غيرقانوني طور ترسيل آهن.