تازه ترين

پاڪستان ۾ ڪيترائي ڪم آئين ۽ قانون کانسواءِ ٿي ويندا آهن:چيف جسٽس

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ ديامر ڀاشا ڊيمز ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ ڊيمز فنڊ ۾ موجود رقم رکي سگهي ٿي؟ پاڪستان ۾ ڪيترائي ڪم آئين ۽ قانون کانسواءِ ٿي ويندا آهن. اسٽيٽ بينڪ جي ليگل ايڊوائزر عدالت کي ٻڌايو ته ڊيمز فنڊ ۾ هن وقت ٽوٽل 23 ارب رپين کان وڌيڪ رقم موجود آهي، فنڊ ۾ ايندڙ رقم 11 ارب رپيا، جڏهن ته ان تي مارڪ اپ 12 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. چيف جسٽس اسٽيٽ بئنڪ اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته مارڪ اپ ڪير ادا ڪندو آهي؟ ايڊيشنل آڊيٽر جنرل چيو ته مارڪ اپ ٽي بلز ذريعي حڪومت ادا ڪندي آهي. ايڊيشنل آڊيٽر جنرل غفران ميمڻ ٻڌايو ته ڊيمز فنڊ جي مڪمل تحقيق ڪئي آهي، ڪابه خردبرد نه ٿي آهي. چيف جسٽس چيو ته حڪومت پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ۽ ڇو مارڪ اپ ڏئي رهي آهي؟ ايڊيشنل اٽارنر جنرل عامر رحمان چيو ته مارڪ اپ انهن پئسن تي ڏنو ويندو آهي جيڪي حڪومت استعمال ڪندي آهي. چيف جسٽس چيو ته حڪومت تي مارڪ اپ جو بار وجهي خوش ٿي رهيا آهيو ته 11 ارب رپيا وڌي 23 ارب رپيا ٿي ويا آهن، اهو ته اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي. چيف جسٽس چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ ڊيمز فنڊ ۾ موجود رقم رکي سگهي ٿي؟ سپريم ڪورٽ ڪهڙي اختيار موجب ڊيمز تعمير جي اڳڀرائي رپورٽ گهرندي رهي؟ عملدرآمد بئنچ جوڙڻ جو آئين ۾ ڪو ذڪر آهي؟ اڳوڻي اٽارني جنرل خالد جاويد چيو ته عملدرآمد بئنچ جو تصور ڪراچي بدامني ڪيس مان شروع ٿيو هو. چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ڪم آئين ۽ قانون کانسواءِ ٿي ويندا آهن، هُن عدالتي فيصلن جو نه آئين جي بالادستي ۽ عملدرآمد جو قسم کنيو هو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪندي وفاقي حڪومت ۽ واپڊا کان مدد طلب ڪري ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون