تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان 2022ع ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو؛ وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ وڏو نقصان ٿيندو ۽ ايندڙ نسل کين معاف نه ڪندا. آذر بائيجان جي گاديءَ واري هنڌ باگو ۾ ڪوپ 29 سمٽ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان 2022ع ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو، لکين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ اسڪولن، گهرن ۽ فصلن کي شديد نقصان پهتو، 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان جي امداد لاءِ واعدو ڪيو ويو، ڪوپ 28 ۾ ڪيل واعدن تي عمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اهي نٿا چاهين ته پاڪستان جيان ٻيا ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين، پاڪستان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته اهي نٿا چاهين ته اهي نيشنل ڪاربن مارڪيٽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آهن، دنيا کي پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي، پاڪستان توانائي جي متبادل ذريعن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. شهباز شريف چيو ته محفوظ مستقبل لاءِ اکين هنگامي بنيادن تي ماحولياتي تحفظ تي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن انهن بروقت قدم نه کنيا ته ايندڙ نسل کين معاف نه ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون