- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف خيبر ۾ دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون امن لاءِ لازوال قربانيون آهن، پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ سندن وارثن تي فخرآهي، قوم دهشتگرديءَ جي ناسور جي خاتمي لاءِ متحد آهي.
وزيراعظم خيبر ۾ دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ ايف سي جي اهلڪارن جي ساراهه ڪئي.
شهباز شريف پاران دهشتگردن سان وڙهندي وطن جي خاطر شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار اعجاز ۽ ايف سي اهلڪار شهزاد کي ڀيٽا پيش ڪئي.
وزيراعظم شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن گهرڀاتين لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف خيبر ۾ دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ ايف سي جي اهلڪارن کي ڀيٽا ڪئي، سندس چوڻ آهي ته پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون امن لاءِ لازوال قربانيون آهن، پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ سندن وارثن تي فخرآهي، قوم دهشتگرديءَ جي ناسور جي خاتمي لاءِ متحد آهي.- Advertisement -
