آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج جي پيشوراڻي مهارت ۽ قيادت جومعيار دنيا جي ڪنهن به جديد فوج جي ڀيٽ ۾ بهترين آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته گهڻ ملڪي اسپيشل فورسز جي گڏيل مشق ٽو انٽرنل برادر هوڊ جي افتتاحي تقريب ٿي ڪنهن ۾ پاڪستان قازقستان، قطر، ترڪيا ۽ ازبڪستان جي اسپيشل فورسز حصو وٺي رهيا آهن.
ان سلسلي ۾ آرمي چيف عاصم منير بروٿا گيريزن جو دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير کي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ اسپيشل سروسز گروپ طرفان مشق بابت بريفنگ ڏني وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جونيئر ليڊر شپ اڪيڊمي شنڪياري جو به دورو ڪيو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته جونيئر ليڊرز پاڪستان آرمي جي ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکن ٿا ۽ روايتي توڙي غير روايتي جنگ ۾ ڪاميابيءَ سان ڪردار ادا ڪري رهيا آ هن.
هن چيو ته پاڪ فوج جي پيشوراڻي مهارت ۽ قيادت جومعيار دنيا جي ڪنهن به جديد فوج جي ڀيٽ ۾ بهترين آهي.
آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جي جونيئر ليڊرز دنيا ۾ تربيت، آپريشنز ۽ عالمي معيار جي مقابلن وارن شعبن ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن.