تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڀارت جون ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون

- Advertisement -
پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڀارت جون ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون، جڏهن ته دشمن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ ڀارتي فوجين اڇا جهنڊا ڦڙڪائي ڇڏيا. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ڀارتي اڳرائي خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي. سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج بنا جواز فائرنگ ڪرڻ تي ڀارتي فوج جون ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيلر سيڪٽر ۾ ڊوبه مور پوسٽ، بٽالين هيڊ ڪوارٽر سوجي ۽ پير ڪانٿي سيڪٽر ۾ جبار اينڊ ترکيان ڪامپليڪس کي مڪمل تباهه ڪيو ويو. سڪيورٽي ذريعن موجب، هنن چيڪ پوسٽن جي تباهي سان ڀارتي فوج کي ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ به پاڪستان جي اثرائتي جوابي ڪاررواين ۾ ڀارتي چيڪ پوسٽون تباهه ٿي چڪيون آهن. پاڪ فوج ايل او سي تي ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي وڌيڪ 3 چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيلر سيڪٽر ۾ دشمن جي مهيري پوسٽ خالصه ٽاپ، رک چڪري سيڪٽر ۾ دنا ٽاپ ۽ مائونڊ پوسٽ کي پاڪ فوج تباهه ڪري ڇڏيو، پاڪستاني فوج جي حملن ۾ دشمن کي ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. پانڊو سيڪٽر ۾ به پاڪستان ڀارتي فوج خلاف اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪئي، پاڪ فوج بنا جواز فائرنگ ڪرڻ تي ڀارتي فوج جي هيڊڪوارٽر کي تباهه ڪري چڌيو. پاڪ فوج جي منهن ٽوڙ جواب، هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي فوج ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، لائن آف ڪنٽرول تي ڌرمسال ٽو پوسٽ سامهون بٽل سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اڇو جهنڊو ڦڙڪايو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج طرفان منهن ٽوڙ جواب تي ڀارتي فوج اڇا جهنڊا ڦڙڪايا، ڀارتي فوج طرفان اڇا جهنڊا ڦڙڪائڻ جو مطلب شڪست قبول ڪرڻ آهي، ڀارت جي بزدلاڻي ڪاررواين جو پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
44 %
3.5kmh
70 %
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون