پاڪ فوج هر اڳرائي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي : عاصم منير

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج هر اڳرائي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير هوائي فوج جي آپريشنل بيس تي انڊڪشن اينڊ آپريشن لائيزيشن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيوته هوائي فوج  خطي ۾ طاقت جو توازن يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته غزا متاثرن لاءِ امداد سامان پهچائڻ ۾ هوائي فوج جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج هر اڳرائي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي. آءِ ايس پي آڙ موجب بيس اچڻ تي هوائي فوج جي سربراهه ظهير احمد بابر سڌو  آرمي چيف جي آجيان ڪئي ۽ هوائي فوج جي دستي جنرل عاصم منير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پي ايَ ايف جي نون شامل ڪيل هٿيارن جو ذڪر ۽ جديد ترين هٿيارن  جي نظام ۽هوائي فوج جي آپريشنل تيارين جي تعريف ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب تقريب  پي اي ايف جي نون هٿيارن جي نظام ۽ دفاعي اثاثن جي به نمائش ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون