تازه ترين

پاڪ فوج وڌيڪ 48 ڊرون ڪرائي ڇڏيا

ڀارت طرفان جديد اسرائيلي ڊرون سان حملن جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري آهي، جڏهن ته پاڪ فوج وڌيڪ 48 ڊرون ڪرائي ڇڏيا جنهن بعد ڪيرايل ڊرون جو انگ وڌي 77 ٿي ويو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان ڇڏيل 4 جديد اسرائيلي هيروپ ڊرون کي اوڪاڙه ڪينٽ جي علائقي ۾ آبادي کان ڪجهه فاصلي تي فصلن ۾ ڪيرايا ويا، ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو.

سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج طرفان هڪ ڊرون ئي وهاڙي ۽ هڪ کي پاڪپتن ۾ تباهه ڪيو ويو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي ڏينهن هن وقت تائين ڀارت جي 48 ڊرون کي ڪيرايو ويو آهي.

سڪيورٽي ذريعن موجب، خميس کان هن وقت تائين دشمن جي 77 ڊرون کي تباهه ڪيو ويو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سمورن ڊرونز کي مسلسل ريڊار تي مانيٽر ڪيو پئي ويو، جڏهن به ڪو ڊرون ايندو آهي ته هو مسلسل ريڊار تي ڏٺو ويندو آهي، سندن ايئر ڊفينس سسٽم ۾ ايتري صلاحيت آهي ته هو ننڍي ڊرون کي به ٽريڪ ڪري وٺندو آهي، شهري علائقن ۽ ڪمرشل اڏامن جي موجودگي ۾ ڊرون کي ڪيرائڻ جو هڪ آپريشنل طريقيڪار آهي.

دفاعي ماهرن موجب، پاڪستان جو دعافي نظام ۽ ايئر ڊفينس سسٽم دشمن جي حملن کي مسلسل ناڪام بڻائي رهيو آهي.

خميس ڏينهن به ڀارت، پاڪستان ۾ اسرائيلي ڊرون سان حملن جي ڪوشش ڪئي هئي، جڏهن ته پاڪ فوج سوئفٽ ۽ هارڊ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي 29 هيروپ ڊرون کي ڪيرايو ويو هو…….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون