پاڪ فوج پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي سرحد پار ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته گذريل رات دهشتگردن پاڪ افغان سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سڪيورٽي فورسز سندن گهيرو ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽئي دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي ۽ سرحد جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي.