پاڪ فوج کي پنهنجي آئيني حدن بابت مڪمل ڄاڻ آهي: آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج کي پنهنجي آئيني حدن بابت مڪمل ڄاڻ آهي، ٻين کي آئين تي عمل ڪرڻ گهرجي، آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ اظهار  جي آزاديءَ جون حدون آهن، اظهار جي آزادي جي لتاڙ ڪندڙ ٻين تي آڱريون نٿا کڻي سگهن، غزا ۾ پوڙهن، عورتن ۽ ٻارڙن جو قتل ثبوت آهي ته  دنيا ۾ تشدد وڌي رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪيو آهي، ڀارتي اڳرائي تي دنيا جي خاموشي سندن آواز کي دٻائي نه ٿي سگهي،  ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي، هٿيارن جي ڊور سان خطي ۾ طاقت جو توازن خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. پاڪستان ايئر فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي جنرل سيد عاصم منير چيو ته اوهان سندس اميدن جا مرڪز، آسمانن جا محافظ ۽ علاقائي ٻڌي جا ضامن آهيو، اميد آهي ته اوهان ڪردار، همت ۽ قابليت جي خوبين سان زندگي گذاريندا. سندس چوڻ هو ته اوهان جو عمل نه رڳو اوهان جي ذاتي اخلاقيات پر اداري لاءِ به غير معمولي هوندو، اوهان وطن جي دفاع، عزت ۽ وقار لاءِ قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن نه ڪيٻائيندا. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته راشد منهاس، سرفراز رفيقي ۽ ايم ايم عالم جهڙا ٿيو، جن وطن لاءِ خدمتون ۽ زندگيون پيش ڪيون، اوهان تي جيڪا ذميواري رکي پئي وڃي ان لاءِ پرعزم رهو ۽ ملڪ سان وفادار رهو. هن چيو ته پاڪ فوج کي پنهنجي آئيني حدن بابت مڪمل ڄاڻ آهي، ٻين کي آئين تي عمل ڪرڻ گهرجي، آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ اظهار  جي آزاديءَ جون حدون آهن، اظهار جي آزادي جي لتاڙ ڪندڙ ٻين تي آڱريون نٿا کڻي سگهن. آرمي چيف چيو ته غزا ۾ پوڙهن، عورتن ۽ ٻارڙن جو قتل ثبوت آهي ته  دنيا ۾ تشدد وڌي رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪيو آهي، ڀارتي اڳرائي تي دنيا جي خاموشي سندن آواز کي دٻائي نه ٿي سگهي. جنرل سيد عاصم منير چيو ته ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي، هٿيارن جي ڊور سان خطي ۾ طاقت جو توازن خراب ٿيڻ جو امڪان آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
46%
1.8m/s
88%
خميس
15 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
24 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون