تازه ترين

پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان فوجي سرسي حاصل ڪئي ۽ چين پنهنجو دفاعي نظام آزمايو: آمريڪي ڪانگريس

- Advertisement -
آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان فوجي سرسي حاصل ڪئي ۽ چين پنهنجو دفاعي نظام آزمايو. آمريڪا به پاڪ ڀارت جنگ دوران پاڪستان جي فتح جو اعتراف ڪيو آهي. آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪ ڀارت جنگ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته چين 2024ع ۽ 2025ع ۾ پاڪستان سان فوجي سهڪار وڌايو، جنهن ۾ گڏيل مشقون، دهشتگردي خاتمي بابت ڊرلز ۽ امن مشقون شامل هيون. رپورٽ ۾ چيو ويو ته چئن ڏينهن جي چڪرين دوران پاڪستان جي چيني هٿيارن سان ڪارڪردگي نمايان رهي. آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستان طرفان چيني هٿيارن سان ڀارت جي فرانسيسي رافيل جهازن کي نشانو بڻائڻ چيني هٿيارن جي وڪري لاءِ اثرئتي دليل بڻجي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته اهو پهريون موقعو هو ته چين جديد هٿيار ايڇ ڪيو نائن ميزائل ڊفينس سسٽم پي ايل ففٽين، ايئر ٽو ايئر ميزائلز ۽ جيَ ٽين ويڙهاڪ جهاز سڌيءَ ريت جنگ ۾ استمعال ٿيا، جيڪو چين لاءِ عملي ميدان ۾ هڪ وڏو تجربو ثابت ٿيو. پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته چين جون 2025ع ۾ پاڪستان کي جيَ ٿرٽي فائيو جديد ويڙهاڪ جهاز، ڪيَ جيَ فائيو هنڊريڊ ايئر ڪرافٽ ۽ بيلسٽڪ ميزائل ڊفينس سسٽم وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني. رپورٽ موجب ان ئي مهيني ۾ پاڪستان دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو، جنهن سان مجموعي بجيٽ ۾ گهٽتائي باوجود دفاعي خرچ 9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون