چين گوادر ۾ چيني انجنيئرن تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وينبن ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته 13 آگسٽ تي چيني انجنيئرن جي قافلي کي نشانو بڻايو ويو، حملي ۾ ڪوبه چيني شهري کي جاني نقصان ناهي پهتو.
وانگ وينبن چيو ته پاڪ-چين دوستي ۽ سي پيڪ کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي، چين پاڪستان سان گڏجي دهشتگردي جي خطرن کي ڏيڻ لاءِ ڪم جاري رکندو.
ترجمان موجب، هو پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن منصوبن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندا رهندا، پاڪستاني اختيارون دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهري، ڪمپنيون ۽ ادارا چوڪس رهن.
واضع رهي ته 13 آگسٽ تي گوادر بندرگارهه ڀرسان چيني شهرين جي قافلي تي حملو ڪيو ويو سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو حملي ناڪام بڻائيندي ٻن حملي آورن کي ماري ڇڏيو هو..