ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پاڻي ساهه آهي، پاڻي بند ٿي ويو ته ماڻهن جو ساهه گهٽجي ويندو ۽ ماڻهو مري ويندا، پنجاب ۽ وفاق پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي مقتل گاهه ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ جو سڄو پاڻي پنجاب منتقل ڪرڻ چاهين ٿا، وفاق چاهي ٿو ته پنجاب جو ريگستان به آباد ٿي وڃي ۽ سنڌ جا ماڻهو ڀلي مري وڃن.
سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو.
ڌرڻي سبب سنڌ ۽ پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
ڌرڻي کي خطاب ۽ سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڻي ساهه آهي، پاڻي بند ٿي ويو ته ماڻهن جو ساهه گهٽجي ويندو ۽ ماڻهو مري ويندا.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ۽ وفاق سنڌ کي مقتل گاهه ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ جو سڄو پاڻي پنجاب منتقل ڪرڻ چاهين ٿا.
ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاق چاهي ٿو ته پنجاب جو ريگستان به آباد ٿي وڃي ۽ سنڌ جا ماڻهو ڀلي مري وڃن، هنن اهو طئي ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهي کين گهرن ۾ ويهاري ماريندا تنهن کان بهتر آهي ته هو جنگ جي ميدان ۾ وڃن، هنن کي هوڏ تان لهڻو پوندو ۽ اهو جبر ڇڏڻو پوندو