تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

پرويز الاهيءَ کي سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ چوڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ چوڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو ويو آهي.

تحريڪ انصاف جي صدر ۽ اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهيءَ کي نيب جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ جج زبير شهزاد  ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پرويز الاهيءَ جي وڪيل پنهنجي اصيل سان صلاح مشوري جي اجازت گهري، جيڪا کيس ڏني وئي.

نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا جج کان پرويز الاهيءَ جو جسماني رمانڊ طلب ڪندي دليل ڏنا ته پرويز الاهي تي سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪس وٺڻ جو ڪيس آهي.

هن چيو ته پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير بڻيو ته گجرات لاءِ اربين رپين جا ٺيڪا ڏنا.

پرويز الاهيءَ جي وڪيل چيو ته سندس اصيل جي گرفتاريءَ خلاف سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هائيڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، پوءِ به کيس گرفتار ڪيو ويو.

احتساب عدالت پرويز الاهيءَ جو 21 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس جاچ لاءِ نيب حوالي ڪري ڇڏيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون