- Advertisement -
پريالوءِ پوليس پاران 5 مهينا اڳ فوت ٿيل پيرسن مٿان چوري جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پيرسن جي پٽ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پوليس فوتي پيرسن نواب علي مهر مٿان سولر پليٽون چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
ايس ايڇ او پاران فوتي پيرسن جي وارثن کي ٿاڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.
فوتي پيرسن جي پٽ احتجاج ڪندي چيو ته 6 مهينا اڳ فوت ٿي ويل والد نواب علي مهر مٿان سولر پليٽون چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.- Advertisement -
