پريالي ۾ نئين تعمير ٿيندڙ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جي اڏاوت جو ڪم 5 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري نياڻيون هنري تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم بڻيل آهن.
ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ۾ ايڊمن بلاڪ، ڪمپيوٽر ليب ، ڊريس ميڪنگ ٽريڊ، اليڪٽرانڪس ٽريڊ، ورانڊي، پارڪنگ ھال ۽ ڪمرن جو تعميراتي ڪم 5 سالن کان سست رفتاريءَ سان جاري آهي.
شهرين جو چوڻ آهي ته 2018 ع کان شروع ٿيندڙ تعميراتي ڪم 5 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.
شھر جي سياسي سماجي ڌرين اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي آهي ته ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جي اڏاوت جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو وڃي ته جيئن شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن جون نياڻيون ھنري تعليم حاصل ڪري سگھن.