پرڏيهه ۾ سياسي پناهه وٺندڙ لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ معطل ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو ويو آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي ۽ ترقي بابت اهم معاملن تي غور ڪيو ويو.
اجلاس دوران اسحاق ڊار کي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر پاسپورٽ جاري ڪرڻ واري سهولت تي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سمنڊ پار پاڪستانين جا پاسپورٽ 60 ڏينهن اندر جاري ڪيو ويندو.
اجلاس دوران پرڏيهه ۾ سياسي پناهه وٺندڙ پاڪستانين جا پاسپورٽ معطل ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو ويو.