تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي چين جي ايگزيڪٽو نائب وزيراعظم سان ملاقات

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جا اعليٰ عملدار موجود هئا ۽ پرڏيهي وزير 26 مارچ تي ٿيل شانگلا حملي تي ڏک جو اظهار ڪيو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو ۽ مارجي ويل چيني ڪارڪنن جي خدمتن کي ساراهيو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات دوران پاڪ چين اقتصادي راهداري  جي ٻئي مرحلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته اسحاق ڊار ۽ چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم وچ ۾ واپار، اقتصادي سهڪار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻه طرفي لاڳاپن جي مختلف مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي وئي.

ترجمان موجب، ملاقات ۾ خنجراب بارڊر ڪراسنگ ذريعي رابطن ۽ ويزا جي آسان نظام بابت ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته سهڪار جي سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي وڌندڙ رفتار کي برقرار رکڻ ۽ دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار توانائي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سي پيڪ پاران اڳڀرائي جو جائزو ورتو، صنعت، زراعت، ۽ معدني ترقي جي شعبن ۾ ٻئي مرحلي تحت هاڪاري منافع تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

ترجمان موجب، چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم معيشيت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سهڪار جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان لاءِ چين جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل خوشحالي توڙي ترقي لاءِ سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عمل جي اهميت کي ورجايو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون