تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پشاور هائيڪورٽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي اليڪشن ڪميشن نوٽيس خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پشاور هائيڪورٽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي اليڪشن ڪميشن نوٽيس خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. پشاور هائيڪورٽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي اليڪشن ڪميشن نوٽيس خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس سيد ارشد علي ۽ جسٽس وقار احمد تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير سهيل آفريدي ڌمڪي وارا لفظ استعمال ڪيا، پاڻ نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جلسو حويليان ۾ هو جيڪو اين اي 18 جي حدن ۾ ناهي. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. ڪي پي جي وڏي وزير جي وڪيل جلسي ۾ ڪيل تقرير جو ٽرانسڪرپشن پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته سهيل آفريدي چيو هو ته ڪوبه ڌانڌلي ڪندو ته سندس خلاف ڪارروائي ٿيندي. جسٽس وقار احمد چيو ته اوهان خلاف اليڪشن ڪميشن ڪا ڪارروائي ته ناهي ڪئي، اوهان اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي ۾ شامل ٿي وڃو، ٿور انتظار ڪريو. جسٽس ارشد علي چيو ته جيستائين اليڪشن ڪميشن ڪو سخت ايڪشن وٺي تڏهن سندن وٽ اچو، اوهان پنهنجي لاءِ مسئلا پاڻ پيدا ڪندا آهيو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
14.5 ° C
14.5 °
14.5 °
13 %
3.6kmh
8 %
خميس
14 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون