پشاور هائيڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
پشاور هائيڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ 14 مارچ تي مختصر فيصلو ٻڌايو هو جڏهن ته هاڻي هائيڪورٽ جي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه 30 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو مخصوص سيٽن جي ورڇ بابت فيصلو آئين جي آرٽيڪل 51 موجب آهي ۽ پشاور هائيڪورٽ وٽ صوبي تائين مخصوص سيٽن جا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ڏيندڙ اعتراض ڪيو ته مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين ۾ ورهائي نٿيون سگهجن، سني اتحاد ڪائونسل عورتن جي مخصوص سيٽن جي حقدار ناهي، مقرر وقت گذرڻ بعد مخصوص سيٽن جي لسٽ جمع نه ڪرائي وئي، ان لاءِ درخواست خارج ڪئي وڃي ٿي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عام چونڊن ۾ حصو وٺڻدڙ سياسي پارٽي جو مخصوص سيٽن تي حق هوندو آهي، پر اليڪشن ۾ هڪ سيٽ به نه کٽندڙ پارٽي مخصوص سيٽن جي اهل ناهي، هي دليل ته مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي نٿيون ڏئي سگهجن غيرآئيني آهي، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي آئيني طريقي سان ورهاست ڪئي