پشاور هائيڪورٽ مخصوص سيٽن بابت سُني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اشتياق ابراهيم جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني لارجر بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ دليل ڏنا جڏهن ته ڪالهه پيش نه ٿيڻ تي بئريسٽر علي ظفر عدالت کان معافي به گهري.
ٻڌڻي دوران علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن کان اڳ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان ورتو ويو، پشاور هائيڪورٽ تاريخي فيصلو ڏئي ڪري بيٽ جو نشان واپس ڪرايو، سپريم ڪورٽ ٻيهر اليڪشن ڪميشن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ بيٽ جو نشان واپس ورتو.
علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته سني اتحاد ڪائونسل هڪ رجسٽرڊ پارٽي آهي ۽ سندس چونڊ نشان به آهي، اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڪڏهن سياسي پارٽيون چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري سگهن ٿيون.
جسٽس شڪيل سوال ڪندي چيو ته جيڪڏهن چونڊن ۾ حصو نٿا وٺن ته ڇا ٿيندو؟، جنهن تي علي ظفر چيو ته هو پهريان ان ڳالهه بابت ڳالهه ڪري رهيو آهي ته هو سياسي پارٽي آهي، پوءِ سندس بنيادي آئيني حق ڪهڙا آهن؟.
علي ظفر چيو ته آرٽيڪل 17 تحت سندس ڪيترا ئي بنيادي حق ٿين ٿا، هڪ پارٽي سياسي اليڪشن نٿي وڙهي تڏهن به سياسي پارٽي هوندي آهي، اهو ضروري ناهي ته ڪا پارٽي اليڪشن وڙهي.
علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽن کان پري رکيو ويو، اليڪشن ڪميشن پارلياماني پارٽي ۽ سياسي پارٽي ۾ فرق ڪرڻ ۾ مونجهاري جو شڪار آهي پر پرويز الاهي ڪيس ۾ پارلياماني ۽ سياسي پارٽي جي تعريف موجود آهي.
جسٽس ايس ايم عتيق پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن آزاد اميدوار اسيمبلي ۾ گڏ ٿين ته ڇا کين مخصوص سيٽون ملنديون؟ يا آزاد اميدوارن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻو پوندو؟
علي ظفر چيو ته آزاد اميدوار ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيندا ته سيٽون ملنديون.
عدالت چيو ته مخصوص سيٽون تڏهن ڏنيون وينديون آهن جڏهن سياسي پارٽيون سيٽون کٽينديون آهن، سني اتحاد ڪائونسل هڪ به سيٽ نه کٽي آهي، آزاد اميدوار به توهان سان شامل نه ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن توهان سيٽ نه کٽي ته توهان اهڙي پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهيو جنهن وٽ ڪا به سيٽ ناهي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته باپ پارٽي جو هن معاملي سان ڪو به تعلق ناهي، هي اعلان آهي فيصلو ناهي، اهي درخواستون سمورين اسيمبلين جي مخصوص سيٽن لاءِ آهن، اهي درخواستون عدالت جي دائري کان ٻاهر آهن، سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڏنل درخواستون اهڙيون ئي آهن.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ٻڙي پلس ٻڙي، ٻڙي ٿيندي آهي ۽ ٻڙي پلس هڪ، هڪ ٿيندو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
ڪجهه دير کانپوءِ عدالت فيصلو ٻڌائي مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.
عدالت چيو ته درخواستون متفقه طور تي رد ڪيون ويون آهن.