پشاور پوليس لائنز تي دهشتگرد حملي جو مددگار پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، آءِ جي ڪي پي اختر حيات خان جو چوڻ آهي ته ڪانسٽيبل محمد ولي دهشتگرد تنظيم لاءِ ڪارروايون ڪيون، محمد ولي 2 لک رپين عيوض پوليس لائنز ۾ دهشتگرد ڪارروائي ڪئي، آپگهاتي حملي جي مددگار دهشتگردن جي پوليس لائن تائين پهچڻ ۾ مدد ڪئي.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي ڪي پي اختر حيات چيو ته دهشتگرد محمد ولي پوليس ڪانسٽيبل ۽ سندس تعلق پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار سان آهي، محمد ولي آپگهاتي بمبار کي پوليس لائن ۾ آڻڻ لاءِ ريڪي ڪئي.
هن چيو ته پوليس ڪانسٽيبل کي مدد لاءِ 2 لک رپيه مليا، بدبخت پنهنجي ڀائرن جو سودو في ماڻهو 2 هزار رپين ۾ ڪيو، سموري رقم هنڊي ذريعي منتقل ٿي، جوابدار جون پاڙون پنجاب تائين پکڙيل آهن.
سندس چوڻ هو ته دهشتگرد محمد ولي کي جميل چوڪ تائين گرفتار ڪيو ويو، جوابدار وٽان 2 آپگهاتي جيڪٽون به هٿ ڪيون ويون آهن.
آءِ جي ڪي پي چيو ته جوابدار افغانستان مان آپگهاتي جيڪٽس، دهشتگردن ۽ڌماڪيدار مادي جي فراهمي ۾ به ملوث آهي.
هن چيو ته محمد ولي هڪ هفتي جي موڪل وٺي افغانستان ويو، ڪنهڙ ۾ دهشتگرد ڪمانڊر صلاح الدين ۽ مڪرم خراساني سان ملاقات ڪئي.
آءِ جي ڪي پي چيو ته افغانستان مان واپسي تي افغان فورسز جوابدار کي گرفتار ڪيو، هينڊلر جنيد جي مداخلت تي کيس آزاد ڪيو ويو، دهشتگرد آپگهاتي حملي جو اطلاع ٽيلي گرام ذريعي هينڊلر جنيد کي ڏنو.