پشاور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پوليس ولائنز ڌماڪي جي مددگار جوابدار کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس لائنز ڌماڪي جي مددگار جوابدار کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
پراسيڪيوشن چيو ته جوابدار پوليس اهلڪار تي آپگهاتي حملو ڪندڙ جي مددگاري جو الزام آهي.
پراسيڪيوشن چيو ته پوليس جوابدار کي بي آر ٽي اسٽيشن وٽان گرفتار ڪيو هو.
پوليس لائنز مسجد پشاور ۾ 30 جنوري 2023ع تي آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ مسجد جي پيش امام ۽ پوليس اهلڪارن سميت 72 نمازي شهيد ۽ 157 زخمي ٿي پيا هئا.