پنجاب اسيمبليءَ ۾ نئين مالي سال 25-2024ع جي 5 هزار 446 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، پگهارن ۾ 25 کان ويهه سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 37 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر ملڪ احمد خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري ووزير مجتبيٰ شجاع الرحمان بجيٽ پيش ڪندي دعويٰ ڪئي ته پهريون ڀيرو ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، حڪومتي خرچن ۾ به گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته پگهاردار طبقو مهانگائي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، هڪ کان سورهين گريڊ تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 25 سيڪڙو، 17 کان 22هين گريڊ جي ملازمن جي پگهار 20 سيڪڙو وڌائي ويندي، پينشن ۾ به پندرهن سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزير چيو ته پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 32 هزار کان وڌائي 37 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.
هن چيو ته پنجاب ۾ پهريون ڀيرو ترقياتي بجيٽ مان 530 ارب رپين ڊيڊ اسڪيمن ۾ بند ڪري نين اسڪيمن کي شامل ڪيو ويو آهي، ٽيڪس وڌائڻ کانسواءِ مالياتي ذريعن مان ريونيو ۾ 53 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو.
مجتبيٰ شجاع چيو ته ترقياتي بجيٽ 842 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، 630 ارب جي سرپلس بجيٽ شامل آهي، سالياني ڊولپمينٽ پلان ۾ 77 نوان ميگا پراجيڪٽ شامل هوندا.
هن چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 6 ارب رپيا، او پي ڪي ايل آءِ انڊومينٽ فنڊ لاءِ 15 ارب رپيا منظوري ڏني وئي، سوشل پروٽيڪشن لاءِ 130 ارب رکيا ويا آهن.
ناڻي واري وزير چيو ته پنجاب ايف بي آر جي ٽارگيٽ کان 36 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪئي، زرعي اوزان لاءِ 26، ارب، ڪسان ڪارڊ لاءِ 10، سي ايم گرين ٽريڪٽر پروگرام لاءِ 30 ارب، سي ايم ڊسٽرڪٽ ايس جي ڊي پروگرام لاءِ 80 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي.
مجتبيٰ شجاع چيو ته لاهور ڊولپمينٽ لاءِ 35 ارب، مري لاءِ 5 ارب، لائيو اسٽاڪ ڪارڊ لاءِ 2 ارب، همٿ ۽ نگهبان ڪارڊ لاءِ 2 ارب رکيا ويا آهن.
هن چيو ته بجيٽ ۾ روينيو حدف 960 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، 2 ارب 50 ڪروڙ جي لاڳت سان انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام شرو ڪيو ويندو، جڏهن ته صحت جي شعبي لاءِ 539 ارب 55 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن………..