پنجاب جي ضلعي ڀکر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب، اطلاع مليو ته دهشتگرد خيبرپختونخواهه مان پنجاب ۾ داخل ٿي رهيا آهن، سي ٽي ڊي ۽ سڪيورٽي ادارن بروقت ڪارروائي ڪري کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي دهشتگرد ماريا ويا.
سي ٽي ڊي اختيارين چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد حساس هنڌن تي تي حملي ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
سي ٽي ڊي اختيارين موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ٻنهي دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيمن سان آهي.