تازه ترين

پنجاب جي مختلف موٽرويز تي ڪوهيڙي جي شدت معمول کان وڌي وئي، ايم ٽو لاهور اسلام آباد ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو

- Advertisement -
پنجاب جي مختلف موٽرويز تي ڪوهيڙي جي شدت معمول کان وڌي وئي، ايم ٽو لاهور اسلام آباد ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو. موٽر وي پوليس ترجمان سيد عمران احمد جو چوڻ آهي ته ايم 3 لاهور کان جڙانوالا تائين ڪوهيڙي سبب بند آهي، ان لان علاوه گجرانوالا ۾ جي ٽي روڊ تي راهولي، گڪهڙ، وزير آباد کان گجرات تائين ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي. ترجمان موٽر وي پوليس سيد عمران احمد جو چوڻ هو ته ، موٽر ويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ لاءِ بند ڪيو ويندو آهي، لين جي ڀڃڪڙي حادثن جو ڪارڻ بڻجي ٿي، روڊ يوزر ڪوهيڙي ۾ لين ڊسپلين کي يقيني بڻائن. موٽر وي پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهري وڌ کان وڌ ڏينهن جي وقت ۾ سفر کي ترجيح ڏين ۽ ڊرائيور فوگ لائٽن جو استعمال يقيني بڻائن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون