پنجاب جي نگران حڪومت العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا معطل ڪري ڇڏي.
مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف پنجاب حڪومت کي سزا معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
اڳوڻي وزيراعظم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سزا معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
پنجاب جي نگران ڪابينا مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي سزا معطلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
نواز شريف جي سزا معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪابينا قانوني صلاح تحت ڪيو.
ان سلسلي ۾ اڳوڻي اٽارني جنرل اشتر اوصاف جو چوڻ آهي ته اهو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويو هو، اڳوڻي چيف جسٽس اطهر من الله اهو فيصلو پيش ڪيو هو، اهو فيصلو ڪابينا غور ويچار ۽ قانوني مشوري کانپوءِ ڪيو آهي، ڪو ڪيئن ٿو هن فيصلي تي اعتراض ڪري سگهي.
اشتر اوصاف چيو ته نواز شريف خلاف ڪيس تڪڙ ۾ ٺاهيا ويا، قانوني مونجهارا ناهن پر پيدا ڪيا ويا آهن، ماضي ۾ شهباز شريف، حمزا شهباز ۽ سعد رفيق جا ڪيس هئا.
هن چيو ته سندن ڪيسن کي تاريخون نه مليون، جيڪڏهن ائين ٿيو ته جج موڪلن تي هليا ويا، اهي ئي ڪجهه سبب هئا جن کين گهڻو وقت جيل ۾ رکيو