تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پنجاب جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڪ فوج جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن

- Advertisement -
پنجاب جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڪ فوج جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن جاري آهي، ڪيترن ئي متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. کولڙه پوائنٽ، هسو والي، بڌوانه، جهنگ ۽ ضلعي چنيوٽ ۾ پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن جاري آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ۽ چوپائي مال کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. پاڪ فوج جي جوانن ٻيڙين ذريعي متاثرن کي ريسڪيو ڪيو. پاڪ فوج ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪئمپيون قائم ڪري ڇڏيون، ڪپڙا، راشن ۽ دوائون جي فراهمي جو سلسلو بنا ڪنهن وقفي جاري آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ انهن علائقن ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. هن وقت تائين ڪيترن ئي ٻڍن، عورتن ۽ ٻارن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، ٻوڏ متاثرن طرفان پاڪ فوج جي ڪردار کي گهڻو ساراهيو ويو آهي. ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ به پاڪ فوج، سول انتظاميا ۽ ٻين ادارن جون امدادي ڪارروايون جاري آهن. ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا تي حفاظتي بند ٽٽي پيو، هيڊ سليمانڪي تي مٿانهي درجي جي ٻوڏ آهي. ستلج درياهه ويجهو پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا طرفان 12 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. ساهيوال ۾ 49 ديهون متاثر ٿيون آهن، پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا طرفان 30 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. تعلقي ڪبير والا ۾ هيڊ سڌنائي تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، تلمبه، ميان چنون ۽ اقبال نگر ۾ رليف سرگرميون جاري آهن. هزارين ماڻهن، چوپائي مال ۽ ڪڻڪ کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. اوڪاڙه جي متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج طرفان مفت امداد جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن. رنگ پور ۽ هيڊ محمد والا سميت امڪاني متاثر علائقن ۾ به فلڊ رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. تعلقي مظفر ڳڙهه ۽ ڪوٽ ادو ۾ پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا طرفان حفاظتي قدمن جو جائزو ورتو ويو. هيڊ محمد والا ۽ امڪاني خطري سبب وقت تي بچاءَ لاءِ بريچنگ پوئنٽ ۽ ٻين حفاظتي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون