تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پنجاب حڪومت سموگ سبب لاهور ۽ ملتان ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي

- Advertisement -
پنجاب حڪومت سموگ سبب لاهور ۽ ملتان ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي،  مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته سموگ جي بگڙجندڙ صورتحال سبب لاهور ۽ ملتان ۾ هيلٿ ايمرجنسي جو اعلان ڪن ٿا، ٻنهي شهرن ۾ ٽي ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون هوندو، لاهور ۽ ملتان ۾ ايندڙ آچر تائين اڏاوتن تي پابندي لڳائي رهيا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته هيلٿ ڊيسڪ ۽ اسپتال جي عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، کاتن کي دوائن جو مقدار وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن شهري موٽرسائيڪل تي ايمرجنسي کانسواءِ ٻاهر نه نڪرن ۽ ماسڪ جو استعمال ڪن. سندس چوڻ هو ته اربع تائين ڊيٽا ڏسندا، سموگ هيلٿ ڪرائسس ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، پنجاب حڪومت سموگ کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ سموگ کي روڪڻ لاءِ ڏهن سالن جي پاليسي ڏني وئي آهي. پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جا مختلف کاتا سموگ کي روڪڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، زگ زيگ ٽيڪنالاجي تي نه ايندڙ بٺن کي ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي، سموگ تي ضابطو آڻڻ هڪ لانگ ٽرم پراسيس آهي، سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽن مهينن لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سموگ سبب اسڪول وڌيڪ هڪ هفتي تائين بند رهندا، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ آن لائن ڪلاس ٿيندا. پنجاب جي سينيئر وزير مريم اونگزيب چيو ته ريسٽورنٽس کي شام چار تائين وقت ڏنو ويو آهي، ريسٽورنٽ تان کاڏو کڻي وڃڻ جي اجازت رات جو 8 وڳي تائين هوندي، پاڪستان ۽ ڀارت کي سموگ تي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون