تازه ترين

پنجاب پوليس طرفان نور شاهه واري علائقي ۾ 2 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
پنجاب پوليس نور شاهه واري علائقي ۾ مقابلي دوران ٻن ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پنجاب پوليس مارجي ويل ڏوهارين جا لاش رونتي پوليس حوالي ڪري ڇڏيا. پنجاب جي سرحدي علائقي نور شاهه جي سنڌ-پنجاب دنگ وٽ صادق آباد سي سي ڊي پوليس ڏوهارين سان مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. مارجي ويل ٻنهي ڏوهارين جا لاش سي سي ڊي پنجاب پوليس پاران رونتي پوليس حوالي ڪري ڇڏيا آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. سي سي ڊي پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين سان مقابلي دوران ڏوهاري سنڌ جي رونتي ٿاڻي جي حد ۾ داخل ٿي ويا جتي ٻنهي ڏوهارين کي ماريو ويو. سي سي ڊي پوليس جو چوڻ هو ته مقابلو رونتي ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي . رونتي پوليس مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهارين جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، لاش اسپتال اندر پيل آهن. علائقي ۾ چوٻول آهن ته سي سي ڊي پنجاب پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو جن کي جعلي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
12 %
2.3kmh
0 %
خميس
13 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون