- Advertisement -
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جا گورنر پيپلزپارٽي جا هوندا، وزيراعظم جو ووٽ ن ليگ کي ڏيندا، پ پ وفاقي ڪابينا جو حصو نه بڻجندي، وزيراعظم شهباز شريف جو اختيار آهي ته ڪنهن کي ڪابينا جو حصو بڻائي ٿو، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن جي نالن جو اڄ يا سڀاڻي اعلان ٿي ويندو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلزپارٽي في الحال ڪابينا جو حصو نه ٿيندي ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ شهباز شريف جو صوابديد آهي.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جا گورنر پيپلزپارٽي جا هوندا، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مسلم نون جا هوندا.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سياست ۾ 5 ورهين جو معاهدو لکت ۾ نٿو ٿي سگهي، في الحال پ پ وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندي، پيپلزپارٽي وزيراعظم لاءِ ووٽ، اعتماد جو ووٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ ووٽ ڏيندي.
هن چيو ته حڪومت جي قانون سازي ۾ مدد ڪئي ويندي، هو تنقيد براءِ اصلاح ڪندا، تنقيد براءِ تنقيد نه ڪندا.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڃا ماڻهن جون نظرون بجيٽ ۽ آءِ ايم ايف ۾ آهن، نظر آيو ته حڪومت جي مجبوري آهي ته مدد ڪندا، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن جي نالن جو اڄ يا سڀاڻي اعلان ٿي ويندو.- Advertisement -
