- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جون حڪومتون پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيون آهن.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ حڪومت جو موقف آهي ته هو پنهنجن وسيلن مان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪندا، پ پ جو موقف آهي ته بحالي ۽ آبادڪاري لاءِ عالمي ادارن سان رابطو ڪيو وڃي.
هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جو موقف هر پاڪستانيءَ جي دل جو آواز آهي، پنجاب حڪومت چوي ٿي ته کين ڪنهن کان به خيرات وٺڻ جي ضرورت ناهي.
ن ليگ سينيٽر چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجي وسيلن مان ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪري ڏيکاري آهي، هنن نه رڳو انسانن پر جانورن کي به خوراڪ فراهم ڪئي………….- Advertisement -
