تازه ترين

پنجاب ۾ سموگ جي شدت ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، گدلن شهرن ۾ لاهور پهرين نمبر  تي برقرار

پنجاب ۾ سموگ جي شدت ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، گدلن شهرن ۾ لاهور پهرين نمبر  تي برقرار آهي، مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته سموگ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسپورٽس گالا ملتوي ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي ماحوليات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سموگ جي شرح ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي، وڌندڙ سموگ سبب شهري احتياطي اپاءُ اختيار ڪن.

ڊي جي ماحوليات عمران حامد شيخ طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب، لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان ڊويزن ۾ ماسڪ پهرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، 31 جنوري تائين سموگ متاثر علائقن ۾ ماسڪ پهرڻ لازمي هوندو، شهري ٻاهر نڪرڻ وقت ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻائڻ.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته سموگ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسپورٽس گالا ملتوي ڪيو ويو آهي، سموگ کانپوءِ اسپورٽس گالا ڪرايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت لاهور ۾ شهرين کي ماسڪ فراهمي جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، مسجدن مان سموگ کان بچاءَ ۽ غير ضروري گهرن کان نه نڪرڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن.

پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته 9 کان وڌيڪ هنڌن تي باهه لڳائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري 15 ڪيس داخل ڪندي 4 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون