پنجاب ۾ گورنر جي عهدي لاءِ پيپلزپارٽيءَ ٽن نالن تي غور ڪري ڇڏيو آهي.
حڪومت ٺاهڻ بابت ن ليگ سان معاملا طئه ٿيڻ بعد پيپلزپارٽي طرفان حصي ۾ آيل عهدن تي مقرري جي غور ڪيو پيو وڃي.
پنجاب جي گورنر لاءِ قمر زمان ڪائرا، مخدوم احمد محمود ۽ نديم افضل چن جا نالا سامهون آيا آهن.
ذريعن موجب مخدوم احمد محمود پارٽي قيادت جي پهرين ترجيح هوندو.
ان کانسواءِ قمر زمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن جي نالن تي به غور ڪيو پيو وڃي.
پ پ ۽ ن ليگ ۾ معاهدي تحت پنجاب ۽ ڪي پي ۾ گورنر جا عهدا پيپلزپارٽي کي ڏنا ويا آهن