تازه ترين

پنهنجي انا کي پوئتي رکي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، سڀني سياسي پارٽين کي گڏ هلڻ گھرجي: شرجيل انعام ميمڻ

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنهنجي انا کي پوئتي رکي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، سڀني سياسي پارٽين کي گڏ هلڻ گھرجي.

ٽنڊي ڄام جي علائقي راهوڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ پهريان پنهنجي غلطين جي معافي وٺي پوءِ اڳتي وڌي، سڀني کي گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي.

هن چيو ته صدر آصف علي زرداري منشيات جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي آهي، هو منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف جهاد ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪرسٽل، آئس ۽ ٻئي منشيات خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي سرحد تي به منشيات خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته سنڌ پوليس، اي اين ايف ۽ ايڪسائيز عملدار به منشيات خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته پ پ کي بجيٽ بابت اعتراض آهن، وفاقي سرڪار سان اعتراض وارين شين تي ڳالهيون ٿينديون.

شرجيل ميمڻ چيو ته وڌ کان وڌ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ سان ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، دنيا ۾ هڪ گلاس پاڻي به ٽيڪس جي ادائگي سان ملندو آهي.

هن چيو ته پاڻي ۽ بجلي جو اگهه تڏهن گهٽ ٿيندو جڏهن ٽيڪس جي ادائگي ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جو ڪم رڳو بيان ڏيڻ آهي، سياست ۾ زنده رهڻ لاءِ تڪراري بيان ڏنا پيا وڃن.

شرجيل ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ پئڪيج اچي رهيا آهن، واسا، روڊن، بس اسٽاپن لاءِ به شيون اڳتي وڌايون پيون وڃن

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون