- Advertisement -
پني عاقل ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ايڊيشنل سيشن ڪورٽ روڊ تي هٿياربندن پنجاب جي علائقي علي پور واري ذيشان اعواڻ کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو هو.
زخمي نوجوان کي ايمبولينس بدران رڪشا تي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ذيشان اعواڻ کي ڪورٽ ۾ حاضري تي اچڻ وقت پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري زخمي ڪيو جنهن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي اچڻ تائين سرد خاني منتقل ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
