تازه ترين

ڀارتي فوجي قيادت طرفان سياسي دٻاءُ ۾ غير ذميواراڻا بيان جاري ڪرڻ افسوسناڪ آهي : آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
پاڪ فوج طرفان ڀارتي فوجي قيادت جي واويلا تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوجي قيادت هٿ ٺوڪي ۽ چڙ ڏياريندڙ واويلا شروع ڪري ڇڏي آهي. آءِ ايس پي آر موجب بهار ۽ اولهه بنگال ۾ چونڊ دوران چڙ ڏياريندڙ واويلا ڪئي پئي وڃي، ڀارتي فوجي قيادت هر سياسي چونڊ کان اڳ واويلا ڪندي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چڙ ڏياريندڙ بيان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوجي قيادت طرفان سياسي دٻاءُ ۾ غير ذميواراڻا بيان جاري ڪرڻ افسوسناڪ آهي، حق جي جنگ جي پنجن مهينن کانپوءِ به بي بنياد ڀارتي واويلا جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايٽمي قوت جي فوجي قيادت جا سياسي دٻاءُ ۾ بيان ڏيڻ خطرناڪ عمل آهي، ڀارتي فوجي مشين ڪوڙ سبب دنيا ۾ مذاق بڻجي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب غير ضروري شوبازي خطي جي عمل جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، ڀارتي فوجي ترجمان جي پريس ڪانفرنس ٽضادن سان ڀريل آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي قيادتي تاريخ کي ڪوڙ سان مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڀارت حق جي جنگ ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني عوام ۽ فوج وطن جي هر انچ جي دفاع جي لاءِ هر اڳرائي جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
44 %
2.1kmh
3 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون