- Advertisement -
پني عاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي پوليس چيڪ پڪٽ تي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻيو کي زخمي ٿي پيو.
گدپور واري علائقي ۾ سرڳو پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن جي ٽولي ڪاهه ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب سپاهي اربيلو چاچڙم وقعي تي شهيد ٿي ويو جڏهن ته رضا محمد مگسي سخت زخمي ٿي پيو.
شهيد اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال پهچايو ويو، حملي جي اطلاع تي ايس ايس پي سکر امجد شيخ پنوعاقل پهچي پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڪچي طرف روانو ٿي ويو.
ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ آحي ته شهيد جوانن جو رت ضايع نه ويندو، ڏوھارين کي سختي سان چٿڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ٻئي پاسي شھيد اھلڪار اربيلي چاچڙ جي جنازي نماز صبح 11 وڳي پوليس لائين ۾ ادا ڪئي ويندي.- Advertisement -
