پنو عاقل ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان مبينا طور پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.
عيد گاهه چوڪ واري علائقي ۾ نوجوان شڪيل جلال مهر مبينا طور پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
فوتي جي ڀاءُ سهيل جلال مهر به ڪجهه سال اڳ درياءَ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو هو