پني عاقل ڀرسان قومي شاهراهه تي کاڄري تيل سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
دادولوءِ ٿاڻي جي حد ۾ کاڄري تيل ڀريل ٽينڪر تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ٽينڪر جو ڪلينر نديم لاشاري فوت ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيو.
ٻئي پاسي حادثي جي اطلاع تي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو پهچي تيل بالٽين ۾ ڀري کڻڻ لڳا.
هوڏانهن حادثي جي طلاع تي موٽر وي پوليس پهچي فوتي ڪلينر جو مڙهه ۽ زخمي ڊرائيور کي اسپتال منتقل جڏهن ته ڪلٽي ٿيل ٽينڪر کي سڌو ڪرائي روڊ ٽريفڪ لاءِ کولرايو ويو.