تازه ترين

پني عاقل ۾ هٿياربند گهر ۾ گهڙي  نينگر کي اغوا ڪري ويا

پني عاقل ۾ هٿياربند گهر ۾ گهڙي  نينگر کي اغوا ڪري ويا، واقعي خلاف سياسي سماجي تنظيمن، شهرين ۽ وارثن طرفان شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

مهراڻ اسڪول واري علائقي ۾ هٿياربند اڪرم آرائين جي گهر ۾ داخل ٿي روڪ رقم، سونا زيور ڦر ڪرڻ بعد 7 سالن جي محمد حسين آرائين کي اغوا ڪري ويا.

واقعي خلاف سياسي سماجي تنظيمن، شهرين ۽ وارثن پاران شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري قومي شآهراهه تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته ڌاڙيل گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي روڪ رقم، سونا زيور ڦر ڪڻ بعد  نينگر کي اغوا ڪري ويا.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس نااهل آهي، شهرين کي ڏوهارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
11 %
2.1kmh
8 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون