تازه ترين

پهرين نومبر کان غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو ڪم شروع ٿي ويندو: نگران گهرو وزير حارث نواز

سنڌ جي نگران حڪومت غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِآپريشنل پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي، نگران گهرو وزير حارث نواز جو چوڻ آهي ته پهرين نومبر کان غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو ڪم شروع ٿي ويندو،  حاجي ڪيمپ ڪراچي، جيڪب آباد ۽ حيدرآباد ۾ هولڊنگ ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن.

نگران گهرو وزير  برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز جي صدارت هيٺ پناهگيرن جي واپسيءَ بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن جي شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي نگران گهرو وزير چيو ته سنڌ حڪومت غيرقانوني پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ پلان کي قطعي شڪل ڏني وئي آهي، پهرين نومبر کان سندن واپسيءَ جو عمل شروع ٿي ويندو.

هن چيو ته غيرقانوني پرڏيهين لاءِ حاجي ڪيمپ ڪراچي، جيڪب آباد ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ هولڊنگ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي فول پروف سڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي.

گهرو وزير چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وطن واپس ويندڙ قافلن ۽ هولڊنگ سينٽرن کي سڪيورٽي کي هر لحاظ کان يقيني بڻائيندا.

حارث نواز چيو ته وطن واپسيءَ جي منصوبي  تهت صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا پيا وڃن، جتي نادرا، ايف آءِ اي، پي ڊي ايم اي ۽ اسپيشل برانچ جا نمائندا ذميواريون انجام ڏيندا.

نگران گهرو وزير چيو ته ڪراچي ۾ حاجي ڪيمپ هولڊنگ سينٽر تي ايف آءِ اي ۽ نادرا طرفان پوليس جي مدد سان پرڏيهين جي ڊيٽا کي قطعي شڪل ڏني ويندي.

هن چيو ته ڪراچيءَ جو ڪمشنر فوڪل پرسن طور وطن ڇڏيندڙن جي ٽرين ذريعي واپسي لاءِ وفاقي سرڪار سان رابطو يقيني بڻائيندو.

نگران گهرو وزير چيو ته

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
8.1 ° C
8.1 °
8.1 °
26 %
1.2kmh
84 %
ڇنڇر
9 °
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون