تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

پهرين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي،زمبابوي کي 80 رنسن تان ڪامياب قرار ڏنو ويو

پهرين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي، برسات سبب متاثر ميچ ۾ ڊي ايل ميٿڊ تحت زمبابوي کي 80 رنسن تان ڪامياب قرار ڏنو ويو.

پاڪستان زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، زمبابوي جي ٽيم پهريون بيٽنگ ڪندي 40 اوورن ۽ ٻن بالن تي 205 رنسون آئوٽ ٿي وئي.

بلاوايو ۾ زمبابوي جي پهرين وڪيٽ پنج اوورن ۽ 5 بالن تي 40 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جوائي لارڊ گمبي 15 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.

زمبابوي جي ٻي وڪيٽ 58 رنسن تي سلمان آغا، جڏهن ته ٽئين وڪيٽ 67 رنسن تي حارث رئوف حاصل ڪئي.

ميزبان ٽيم جي چوٿين وڪيٽ 83 ۽ پنجين وڪيٽ 99 رنسن تي سلمان آغا حاصل ڪئي، ڇهين وڪيٽ 124 رنسن تي عامر جمال، جڏهن ته ستين وڪيٽ 125 رنسن تي فيصل اڪرم حاصل ڪئي

زمبابوي جي بيٽرز ڪجهه مزاحمت ڏيکاري ۽ پارٽنرشپ قائم ڪندي ٽيم جو اسڪور 187 تائين پهچايو، جنهن کانپوءِ فيصل اڪرم وڌيڪ 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

زمبابوي جي آخري وڪيٽ محمد حسنين حاصل ڪئي، ميزبان ٽيم طرفان سڀ کان وڌيڪ 48 رنسون رچرڊ نگروا ڪيون

پاڪستان جا ڇهه رانديگر 58 رنسن تي پويلين موٽي ويا، جڏهن ته برسات اچڻ تائين قومي ٽيم 6 رنسن جي نقصان تي 60 رنسون ٺاهي سگهي.

ڪامران غلام 17، صائم ايوب 11، عرفان خان 7، سلمان علي آغا 4، عبدالله شفيق هڪ، جڏهن ته حسيب الله ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو، ڪپتان محمد رضوان 17، عامر جمال ٻڙي تي ڪريز تي موجود رهيو.

برسات سبب ميچ کي روڪيو ويو، جيڪو ٻيهر شروع نه ٿي سگهيو، جنهن جي ڪري ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت زمبابوي کي فاتح قرار ڏنو ويو.

زمبابوي طرفان بليسنگ موزارباني، سڪندر رضا ۽ شان وليمز ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون