پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آئرلينڊ پاڪستان کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڊبلن ۾ کيڏيل ٽن ميچ واري ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آئرش ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
قومي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 57، صائم ايوب 45 ۽ افتخار احمد 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
آئرلينڊ طرفان ڪريگ ينگ 2، مارڪ ايڊر ۽ ڊلنيَ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پاڪستان طرفان مليل 183 رنسن جو حدف آئرش ٽيم آخري اوور ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
آئرلينڊ طرفان اوپنر اينڊي 77، هيري ٽريڪٽر 36 ۽ جارج ڊوڪريل 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
قومي ٽيم طرفان عباس آفريدي 2، شاهين، نسيم شاهه ۽ عماد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.