سنڌ جي پورهئي واري کاتي جي اداري سيسي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ بيضابطگين جي اينٽي ڪرپشن کاتي جاچ ٽيم کي جاچ مڪمل ڪري ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
اينٽي ڪرپشن ٽيم 11 مئي تي سيسي هيڊ آفس تي ڇاپو هڻي سيسي ۾ جعلي ڀرتين، جعلي خريداريون، صنعتن کان رشوت وصولي عيوض فائدو ڏيڻ وارا ثبوت هٿ ڪري ڊپٽي ڪنٽرولر آڊٽ، اڪائونٽس سيد اسد حيدرآبادي کي به حراست ۾ وٺي گڏ کڻي وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد حيدرآبادي جاچ دوران سيسي بورڊ ۾ محمد خان ابڙو جي جعل سازي ذريعي ميمبر بڻجڻ جو انڪشاف ڪيو هو.
ذريعن موجب اسد حيدرآبادي کاتي جي ڊائريڪٽر محمد زاهد ٻٽ جي عهدي تي مقرري دوران فراڊ جا معاملا لڪائڻ ۽ اهم فائل ردي ۾ وڪرو ڪرڻ جو به انڪشاف ڪيو.
اسد حيدرآبادي زاهد ٻٽ جي ڊائريڪٽر ايڊمن طور 159 ماڻهن ضابطي خلاف ڀرتين جو به انڪشاف ڪيو.
جاچ دوران اسد حيدرآبادي ڪورنگي ۾ گارمنيٽ ڪارخاني کي گهٽ ملازم ڏيکارڻ بدلي 13 ڪروڙ رپيا ڪرپشن جو به اعتراف ڪيو، حيدرآبادي پاران رجسٽريش جي ڪرپشن ۾ زاهد ٻٽ، ڊائريڪٽر وجيلينس اينڊ سروي نادر ڪناسرو، ۽ محمد خان ابڙو سميت ٻين جي ملوث هجڻ جو پڻ اعتراف ڪيو.
اينٽي ڪرپشن پاران ڪيل جاچ دوران حيدرآبادي ليبر کاتي ۾ ڪرونا وبا دوران به غير قانوني خريداري ۽ ڪرپشن جو اعتراف ڪيو هو.
جاچ دوران اسد حيدرآباد، سٽور ڪيپر مدد علي جي ڪرونا دوران ڊائريڪٽر پروڪيورمنٽ ڊاڪٽر سعادت ميمڻ جي هدايت تي 25 وينٽيليٽر جناح اسپتال کي ڏيڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.
سيسي قانون قاعدن موجب مزدورن جي ملڪيت ڪنهن ٻئي اداري کي ڏيڻ به غير قانوني هوندي آهي.