جي ڊي اي اڳواڻ ۽ پي ايس 28 تڪ تي هارايل اميدوار پير اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته پوري سنڌ اندر وڏي ڌانڌلي ٿي آهي، عوام پاڻ حيران آهي ته جنهن کي ووٽ ئي نه ڏنا آهن اهي ڪامياب ڪيئن ٿيا آهن، اهڙي اليڪشن کي هو رد ڪن ٿا.
پڪاچانگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پير اسماعيل شاهه راشدي چيو ته مخالف حيدرآباد واري ڌرڻي تي وائڙا ٿي ويا آهن، پير سائين جي حڪم موجب کٽيل ٻئي سيٽون ڇڏي ڏنيون آهن، ٻن سيٽن سان ڪهڙي نمائندگي ٿيندي جو رکجن.
هن چيو ته ٻيهر ڳڻپ ۽ بيلٽ پيپرن جي ڇنڊ ڇاڻ واريون درخواستون به غيرقانوني طور رد ڪيون ويون آهن، ان باوجود اڳتي به لاڳاپيل فورمن تي ويندا ۽ آخري حد تائين جعلي اليڪشن جو پيڇو ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته 15سالن کان عوام کي لٽيندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو.
جي ڊي اي اڳواڻ چيو ته برسات دوران آيل سامان کپائيندڙ ٽولي کي هٿ سان کٽرايو ويو آهي، ان ڪري عوام سان گڏ ڌرڻا شروع ڪيا آهن.