تازه ترين

پوليس وٽ سهولت مرڪزن جون عمارتون دستياب آهن: آءِ جي سنڌ رفعت مختار

آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته پوليس وٽ سهولت مرڪزن جون عمارتون دستياب آهن، ذميواري کڻي ماڻهن کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي صدارت هيٺ سنڌ جي مختلف  ضلعن ۾ قائم پوليس سهولت مرڪزن جي اپ گريڊيشن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ضروري قدمن  جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ هدايتون جاري ڪيون ويون.

ڊي آءِ جي سڪيورٽي اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موجود نو سهولت مرڪزن مان ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

آءِ جي سنڌ چيو ته پنجاب پوليس تحت مصروف خدمت مرڪزن جي طرز تي سنڌ پوليس جي سهولت مرڪزن  کي اپ گريڊ ڪري جلد افتتاح ڪيو ويندو.

رفعت مختار سهولت مرڪزن جي اپ گريڊشن لاءِ ڊي آءِ جيز، آءِ ٽي سڪيورٽي ۽ هيڊڪوارٽرز سنڌ تي ٻڌل ڪميٽي جوڙيندي هدايت ڏني ته گهربل وسيلا، افرادي قوت، لاجسٽڪ سپورٽ بابت سفارشون تيار موڪليون وڃن.

آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس وٽ سهولت مرڪزن جون عمارتون دستياب آهن، ذميواري کڻي ماڻهن کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
52 %
1.5kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون