تازه ترين

پيرس اولمپڪس ۾ جيولِن ٿرو مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ قومي هيرو ارشد نديم جي مان ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ تقريب ڪوٺائي وئي

- Advertisement -
پيرس اولمپڪس ۾ جيولِن ٿرو مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ قومي هيرو ارشد نديم جي مان ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. اها تقريب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير طرفان ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ 1984ع واري اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ هاڪي ٽيم، قومي ڪرڪيٽ ٽيم، اسٽريٽ فٽبال ٽيم، آرمي پولو ٽيم ۽ نابين رانديگرن جي خاص ٽيم به شرڪت ڪئي. عورتن جي گول  بال ٽيم، ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ميڊل کٽيندڙ رانديگرن سيف ۽ ايشين گيمز ۾ حصو وٺندڙ رانديگر به تقريب ۾ شريڪ ٿيا. شرڪت ڪندڙ ۾ ناليوارا رانديگر جهانگير خان، صلاح الدين، شهباز سينيئر، سهيل عباس، محد آصف ۽ اعصام الحق قريشي به موجود هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون