- Advertisement -
پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چونڊ 18 آگسٽ 2024ع تي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ انجنيئر پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪندي ايندڙ ٽن سالن لاءِ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين جي چونڊ ڪندا.
آزاد ذريعن کان ڪيل سروي موجب، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ انجنيئر جاويد سليم قريشي جيڪو هن وقت انجنيئر پاڪستان جو چيئرمين به آهي، سڀني کان مضبوط طور سامهون آيو آهي.
سروي جي انگن اکرن موجب، جاويد سليم قريشي 65 سيڪڙو جي وڏي اڪثريت سان پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين جو قسم کڻندو.
سروي موجب، انجنيئر هارون نجيب جي مقبوليت 7 سيڪڙو، انجنيئر اشفاق جي 3 ۽ انجنيئر وسيم نذير جي مقبوليت 25 سيڪڙو رهي- Advertisement -
